سوامي بسنت رام

سوامي بسنت رام: صوفي شاهه عنايت جي سلسلي جو نامور شاعر بسنت رام ولد ليکراج ڦڳڻ مل ڳوٺ کاهيءَ تعلقي کپري ۾ 1904ع تي پيدا ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت والدين جي سرپرستيءَ ۾ ٿي. هن ويدن جو اونهو اڀياس ڪيو هو. بسنت رام'>سوامي بسنت رام سوامي ٽيئونرام مهاراج کان گرو منتر وٺي سنگ ۾ ڀڳتي ۽ گيان ۾ پير پاتو. سوامي سنت رام صوفي منش انسان هو، جهوڪ شريف ۾ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي گهڻو ويندو هو ۽ اتي راڳ پڻ ڳائيندو هو. سندس شاعريءَ جا ڪجهه بند هتي پيش ڪجن ٿا:
مايا ڪايا بادل ڇايا، ڪنهن سان نيبهه نانهه، ناري ڪاري نانگڻ سمجهي تنهن سان من نه لاءِ.
بسنت‘ جي مڪتي چاهين، گڻ گوبند جا ڳاءِ،
موهه مٽائي گيان جو، هر دي سان هنڊاءِ.
-
رام ڪرشن ۾ ڀيد نه ڪوئي، پورڻ برهم آهن ٻيئي،
رام ڪرشن پورڻ اوتاري، سنت سهايڪ اسر سنگهاري


لفظ سوامي بسنت رامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو